اسلام آبادپاڪستان

مري ۽ پختونخوا ۾ برساتن ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان

اسلام آباد:موسميات کاتي مري ۽ خيبرپختونخوا جي ڪجهه ضلعن ۾ برساتن ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.موسميات کاتي موجب مري ۽ آزاد ڪشمير ۾ اڱاري کان خميس تائين برفباري جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي خيبرپختونخوا طرفان ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن کي ان حوالي سان خط به اماڻيو ويو آهي. ڊي جي پي ڊي ايم اي چيو آهي ته ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ قدم کڻڻ جون هدايتون ڪيون آهن ۽ لنڪ روڊز جي بحالي لاءِ مشينري جي دستيابي يقيني بنائڻ جو چيو ويو آهي. ان کان علاوه پي ڊي ايم اي سياحن کي سفر دوران احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته مٿانهين ضلعن ۾ برسات ۽ برفباري سبب لينڊ سلائيڊنگ جو امڪان آهي. چترال، دير، سوات، مالاڪنڊ، ڪوهستان، شانگلا ۽ بونير ۾ وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته مانسهره، ايبٽ آباد، هريپور، صوابي، مردان ۽ نوشهره ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. اين ڊي ايم اي چيو آهي ته دير، مالاڪنڊ، هزاره سوات ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي جنهن کان پوءِ ان علائقن ۾ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button