لاهور :پنجاب جي جيلن ۾ قيدين کان پئسا وٺي سهولتون ڏيڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان انساني حقن واري ڊي جي جي سربراهي ۾ جيلن جو دورو ڪندڙ ٽيم سمورا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. جنهن موجب جيل اختيارين اهو مڃيو آهي ته اسان مٿان سخت سياسي دٻاءُ وڌو ويندو آهي. بااثر قيدين کي جهلم ۽ ميانوالي جي جيلن مان هوم ڊپارٽمينٽ جي دٻاءُ تي اڊيالا جيل ۾ رکڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. رپورٽ موجب بکر جيل جي قيدي جيل انتظاميا کي رقم منتقلي جون شاهديون به پيش ڪري ڇڏيون آهن. قيدي جي ڀاءُ جيل وارن کي ايزي پئسا ذريعي هڪ لک 40 هزار ڏيڻ جا ثبوت ڏنا. رپورٽ موجب جيل اختياريون انساني حقن کان واقف ئي ناهن، جيل ۾ رکيل رجسٽر به قيدين سان امتيازي سلوڪ جي نشاندهي ڪري رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close