اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جج رانا شميم، مير شڪيل، عامر غوري ۽ انصار عباسي کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 20 جنوري تي طلب ڪري ورتو. رپورٽ موجب اڳوڻي چيف جج گلگت بلتستان رانا شميم جي حلفي بيان تي توهين عدالت ڪيس جي حوالي سان چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اڳوڻي چيف جج رانا شميم، مير شڪيل، عامر غوري ۽ انصار عباسي کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي لاءِ 20 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي. لکت ۾ لکيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته توهين عدالت جي جوابدارن کي ڪافي وقت ڏنو ويو. جوابدارن جو اهو ئي موقف رهيو ته انهن ڪجهه غلط ناهي ڪيو. رپورٽر، ايڊيٽر ۽ چيف ايڊيٽر جو موقف اهم آهي، اهو موقف مڃڻ، التوا هيٺ ڪيسز بابت ڪجهه به ڇاپڻ جو لائسنس ڏيڻ جهڙو هوندو. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته لڳي ٿو ته رپورٽر، ايڊيٽر ۽ چيف ايڊيٽر التوا هيٺ ڪيسز جي رولز کان ناواقف آهن. توهين عدالت ڪيس جي دوران به مختلف تنظيمن جا موقف ڇاپيا پيا وڃن. رپورٽر چيو ته حلفي بيان جو صحيح هجڻ يا غلط هجڻ جو ڄاڻڻ ان جي ذميواري نه هئي، پروفيشنل صحافي التوا هيٺ ڪيس بابت ذميواري کان واقف نظر نٿا اچن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close