بيجنگ :چين ايران جي حق ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته هو ايران تي مڙهيل آمريڪا جي هڪ طرفين پابندين جي مخالفت ڪري ٿو. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن چين جي پرڏيهي وزير جي ايراني هم منصب سان صوبي جيانگ زو ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ چيني پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ايران جي ڏکيائين جي ذميواري آمريڪا تي لاڳو ٿئي ٿي. واضح رهي ته آمريڪا هڪ طرفي طور تي جوهري معاهدي کان عليحدگي اختيار ڪئي، چين ايران سان جوهري ڳالهيون ٻيهر شروع ٿيڻ جو حامي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close