اسلام آباد :ملڪ ۾ مهانگائي جي ماريل عوام جي مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي سرڪار پيٽرول جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪالهه وفاقي حڪومت ستايل عوام جي اهنجن ۾ اضافو ڪندي ايندڙ 15 ڏينهن جي لا تيل جي قيمتن ۾ 3 رپيا 33 پئسا في لٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي. پيٽرول جي اگهه ۾ في لٽر تي 3 رپيا هڪ پئسي جو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپو نئين قيمت 147 رپيا 83 پئسا في لٽر ٿي وئي آهي. ناڻي وزارت جو چوڻ آهي ته ها اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپين جي واڌ کانپو في لٽر 144 رپيا 62 پئسا ٿي ويو آهي. اهڙي ريت گاسليٽ جي قيمت ۾ پڻ 3 رپيا واڌ ڪرڻ کانپو نئين قيمت 116 رپيا 48 پئسا في لٽر هوندي. واضح رهي ته موجودا حڪومت طرفان مهيني ۾ هر 15 ڏينهن تي تيل جي قيمتن ۾ هيرڦير ڪئي ويندي آهي، جنهن ڪري تيل جو قيمتون اڪثر ڪري وڌي وينديون آهن ۽ ان سان عوام جي تڪليفن ۾ اضافو ٿيندو آهي. جڏهن ته ٽرانسپورٽرن طرفان پڻ هر واري ٻيڻ تي ڀاڙا وڌايا ويندا آهن، جنهن سبب عوام ٻيهر عذاب هيٺ اچي ويندو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close