اسلام آبادپاڪستان

عوام ٻيهر عذاب هيٺ،تيل جي قيمتن ۾ 3 رپيا 33 پئسا في لٽر واڌ

اسلام آباد :ملڪ ۾ مهانگائي جي ماريل عوام جي مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر وفاقي سرڪار پيٽرول جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ڪالهه وفاقي حڪومت ستايل عوام جي اهنجن ۾ اضافو ڪندي ايندڙ 15 ڏينهن جي لا تيل جي قيمتن ۾ 3 رپيا 33 پئسا في لٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي. پيٽرول جي اگهه ۾ في لٽر تي 3 رپيا هڪ پئسي جو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپو نئين قيمت 147 رپيا 83 پئسا في لٽر ٿي وئي آهي. ناڻي وزارت جو چوڻ آهي ته ها اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپين جي واڌ کانپو في لٽر 144 رپيا 62 پئسا ٿي ويو آهي. اهڙي ريت گاسليٽ جي قيمت ۾ پڻ 3 رپيا واڌ ڪرڻ کانپو نئين قيمت 116 رپيا 48 پئسا في لٽر هوندي. واضح رهي ته موجودا حڪومت طرفان مهيني ۾ هر 15 ڏينهن تي تيل جي قيمتن ۾ هيرڦير ڪئي ويندي آهي، جنهن ڪري تيل جو قيمتون اڪثر ڪري وڌي وينديون آهن ۽ ان سان عوام جي تڪليفن ۾ اضافو ٿيندو آهي. جڏهن ته ٽرانسپورٽرن طرفان پڻ هر واري ٻيڻ تي ڀاڙا وڌايا ويندا آهن، جنهن سبب عوام ٻيهر عذاب هيٺ اچي ويندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button