آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي وچ تي واقع سامونڊي ٻيٽ ٽونگا ۾ ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ بعد علائقي ۾ سونامي جو خطرو ٽري ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ جنهن جڳهه تي اهو ٻرندڙ جبل ڦاٽو آهي، ٽونگا جي گادي وارو شهر اتان کان رڳو 65 ڪلوميٽر پري ڏکڻ ۾ آهي. جڏهن تھ پيسفڪ ۾ سونامي جو خطرو گهٽ ضرور ٿيو آهي، پر ساحلي علائقن ۾ تيز يا غيرمعمولي ڪرنٽ کي منهن ڏيڻ جي تياري مڪمل هجڻ گهرجي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ هونگا ٽونگا هونگا هاپائي نالي ٻرندڙ جبل جي ڦاٽڻ جو آواز ڪيترن ئي سامونڊي علائقن ۽ آمريڪا جي ڪجهه شهرن ۾ ٻڌو ويو، جنهن دوران سمنڊ ۾ هڪ ميٽر تائين بلند لهرون بھ ڪنارن سان ٽڪرايون. هوڏانهن آمريڪا، جاپان ۽ نيوزيلينڊ امڪاني ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ ۽ مدد فراهم ڪرڻ جي تياري ڪن پيا، ڇوتھ کين امڪاني طور وڏي نقصان جو خدشو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close