
ورڪشاپ: ورڪشاپ ويجهو چڪ 46 ۾ ڪکائي گهرن مٿان گذرندڙ بجلي جي تارن مان اوچتو چڻنگ اٿڻ سبب پورھيت رمضان نائي جي ڪکائي گهر کي باهھ وڪوڙي وئي، گهر ۾ پيل 20 مڻ اناج، روڪ رقم ۽ ڪاغذن سميت ڀلي نسل جا 2 ٻڪر سڙي مري ويا. مثاثر پورھيت پنهنجي ڪٽنب سميت کليل آسمان ھيٺ ويٺک آهي. هن ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ کان گهر ڪئي ته مالي مدد ڪري گهر ٺهرائي ڏنو وڃي.