پاڪستانسنڌ

شهدادپور پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ ڪئمپ، رت جو عطيو ڏنو ويو

شھدادپور: شھدادپور جي پوليس ٽريننگ ڪاليج ۾ ٿيليسيميا مرض ۾ مبتلا معصوم ٻارڙن لا رت جي عطئي جي ڪئمپ ڊي آ جي ٽريننگ عبدالحميد کوسو، ڊي آ جي پوليس شھيد بينظيرآباد آباد خادم حسين رند، ايس ايس پي سانگهڙ ڊاڪٽر فرخ علي ۽ پي ٽي سي جي وائيس پرنسپال نوشاد احمد شيخ پاران قائم ڪئي وئي. جنهن ۾ ٿيليسيميا پيشنٽ ويلفيئر سوسائٽي نوابشاھه جي ٽيم ڊاڪٽر غلام النني چنا جي اڳواڻي ۾پوليس جي جوانن، تربيت حاصل ڪندڙ جوانن ۽ عورت پوليس اهلڪارن جي رت جي چڪاس ڪري رت جو عطيو ورتو. ان موقعي تي ڊي آ جي پوليس شھيد بينظير آباد رينج خادم حسين رند ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ پوليس هر محاظ تي عوام سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آھي. هي رت جي عطئي جي ڪئمپ ٿيليسيميا سان جهيڙيندڙ معصوم ٻارن لا آھي، جنهن ۾ پوليس جا آفيسر ۽ جوان جوش ۽ جذبي سان رت جو عطيو ڏئي رهيا آهن. ان موقعي تي ٿيليسيميا پيشنٽ ويلفيئر جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر غلام النبي چنا، ڊي ايس پي شھدادپور محمد ايوب بروهي، پي ٽي سي جي ڊاڪٽر اوم پرڪاش ۽ ٻين چيو ته ٿيليسيميا موتمار مرض آھي، سياسي سماجي اڳواڻ، اديب، شاعر، وڪيل، شھري ۽ صحافي اهڙيون ڪئمپون لڳائين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button