پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ ڪميونٽي هال ۽ مندر جون ديوارون پٽ، احتجاج

مٺي: مٺي جي کتري پاڙي ۾ کتري برادري پاران ڪميونٽي هال ۽ مندر جي تعمير جو ڪم جاري هو ته اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي عبدالحميد مغل جي اڳواڻي ۾ انتظاميا بلڊوزرن سان پهچي ديوارون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، جنهن بعد کتري برادري ۾ سخت تا پکڙجي ويو ۽ برادري جي ماڻھن اي سي خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن اوم پرڪاش کتري، پارو مل کتري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته کتري برادري جي کوهه جي ذاتي پلاٽ تي مندر ۽ ڪميونٽي هال جو ڪم هلندڙ ھو، اي سي مٺي عبدالحميد مغل جي اڳواڻي ۾ عملي بلڊوزن سان ڪاهه ڪري ديوارون بلڊوز ڪري ڇڏيون. هنن چيو ته انتظاميا سرڪاري زمين تي هٿ سان قبضا ڪرائي مال ڪمائي ٿي، ذاتي پلاٽن تي اسان کي مندر ۽ ڪميونٽي هال به نٿو ٺاهڻ ڏنو وڃي، انتظاميا پوڄا ۽ جيئڻ جو به حق کسي رهي آھي. اي سي هڪ پبلڪ سروس ڪميشن جي بورڊ ميمبر جي ونگار وهڻ لا ڪارروائي ڪئي، جنهن خلاف مسلسل احتجاج سان گڏ عدالت ۾ وينداسين. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي اي سي مٺي عبدالحميد مغل چيو ته کتري برادري پاڙي جي وچ چوڪ تي سرڪاري پلاٽ تي قبضي لا اڏاوت ڪري رهي هئي، پاڙيوارن جي شڪايت تي سرڪاري پلاٽ تان قبضي جي ديوار ڊاهي آھي، کتري برادري وٽ پلاٽ جا ڪاغذ هجن ته کڻي اچي، اسان ڪم بند ڪرڻ جو نوٽيس ڏنو هو، پر اڏاوت بند نه ٿي، ان ڪري ڪارروائي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button