اسلام آبادپاڪستان

حڪومت مهينا،هفتا نه پر هاڻ ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي:مريم نواز

اسلام آباد : پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز حڪومت کي ڪجهه ڏينهن جي مهمان قرار ڏئي ڇڏيو. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته حڪومت کي هٽائڻ جو طريقيڪار به جلد سامهون اچي ويندو. حڪومت جو وڃڻ ڪجهه مهينا، هفتا نه پر هاڻي ڪجهه ڏينهن جي مهمان آهي. نوازشريف واپس جلد ايندو پر ان جي واپسي جو وقت پارٽي طئي ڪندي. اسان جي پهرين ڪوشش حڪومت مان جند آجي ڪرائڻ آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته وفاقي گھرو وزير کي هٿ مٿي هجڻ جي ڳالهه چوڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ سندس چوڻ هو ته وزير عمران جي منهن تي سندس بي عزتي ڪري رهيا آهن، قومي اسيمبلي ۽ ڪابينا ۾ ميمبر بيهي ڪري سندس نااهلي جي خلاف ڳالهائي رهيا آهن. وزيرن جي بيانن مان ظاهر آهي ته سندن انجام ويجهو آهي. ن ليگ ۾ بغاوت جي دعوائن کي حڪومت جي نااهلي ۽ نالائقي تان ڌيان هٽائڻ جي سازش قرار ڏيندي مريم نواز چيو ته ن ليگ باهه جي درياهه مان گذري رهي آهي، ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ، لالچ ۽ بدترين انتقام جي باوجود ن ليگ جو هڪ هڪ ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڀت جيان بيٺل رهيو. هن چيو ته جڏهن به هن حڪومت جي دور ۾ ڪو سانحو ٿيو ته ذميوار عوام کي قرار ڏنو ويو، مري سانحي ۾ به حڪومت ائين ئي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button