اسلام آبادپاڪستان

مريم نواز جي ڳالهين تي هاڻي سندس ٻار به کلندا آهن:فواد چوڌري

اسلام آباد: وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مريم نواز جي ڳالهين تي هاڻي سندس ٻار به کلندا آهن. ڪالهه توانائي واري وزير حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته اسٽيٽ بينڪ جو بل سينيٽ مان به جلد پاس ڪرائي وٺنداسين. هن چيو ته 2 بلين ڊالرز کان وڌيڪ ويڪسين امپورٽ ڪري شهرين کي لڳائي ويندي، ڪرونا ڪيسز جو روز جو انگ 5 هزار تائين پهچي ويو آهي، اومي ڪرون جا سڀني کان وڌيڪ ڪيسز ڪراچي ۾ آهن. وفاقي وزير چيو ته گهڻن علائقن ۾ آبادگارن کي يوريا ڀاڻ ملي رهيو آهي، ويڪسين نه ڪرائيندڙن کي اومي ڪرون جو اثر ٿي رهيو آهي، سنڌ ويڪسينيشن ڪرائڻ جي حوالي سان سڀني کان پوئتي آهي. اپوزيشن سان سڌارن ۽ قانون بابت ڳالهائڻ چاهيون ٿا پر هو سمجهن ٿا اجهو حڪومت 6 مهينن ۾ ويندي پر حڪومت 5 سال پنهنجا پورا ڪندي. ان موقعي تي حماد اظهر چيو ته گذريل دور ۾ لڳايل 60 سيڪڙو پلانٽس امپورٽڊ تيل تي هلي رهيا آهن. حڪومت اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري کي تحفظ ڏنو آهي، گورنر اسٽيٽ بينڪ جي مقرري جو اختيار وفاقي حڪومت وٽ ئي هوندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ 1900 نان ايڪسپورٽ انڊسٽريز آهن ۽ ڪراچي ۾ گيس جو بحران آهي. حماد اظهر چيو ته ڪراچي ۾ صنعتي گيس گهريلو واهيپدارن کي منتقل ڪئي ويندي آهي، گهريل واهپيدارن کي گيس فراهمي اسان جي ترجيح آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button