اسلام آبادپاڪستان

وزارت سائنس ووٽنگ مشين ورتي ته قبول نه هوندي:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن اسلام آباد جي بلدياتي اليڪشن لاءِ ووٽنگ مشين جي خريداري بابت سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو ته سائنس واري وزارت پاڻ ووٽنگ مشين خريد ڪئي ته قبول نه هوندو. رپورٽ موجب خط ۾ اليڪشن ڪميشن لکيو ته اسلام آباد جي بلدياتي اليڪشن لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي وزارت خانگي ڪمپني کان پاڻ ووٽنگ مشين خريد ڪئي ته اها قبول نه هوندي. ڪميشن لکيو ته آئين تحت اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي. هي صرف اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي ته هو اوپن ٽينڊر تي پيپرا رولز مطابق ووٽنگ مشينون خريد ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button