پاڪستانسنڌ

ايس ٽي پي جا مظاهرا، اسد جسڪاڻي بيگناهه آهي:قادر مگسي

حيدرآباد/ ڄامشورو: ايس ٽي پي اڳواڻ اسد جسڪاڻي تي حملي خلاف ايس ٽي پي ۽ ٻين پارٽين پاران مظاهرا ڪيا ويا. ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي اسپتال پهچي زخمي اسد جسڪاڻي جي عيادت ڪئي. هن چيو ته ڀولو خانزادو دهشتگرد هو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون جيئي سنڌ تحريڪ جي ڪارڪنن انور بڙدي، عاشق جمالي، شبير بروهي، شڪور سنڌي ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. نندو ۾ ڪارڪنن صديق لاکاٽيو، واحد ملاح ۽ يوسف لاکاٽيو جي اڳواڻي ۾ شاهنواز چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي. نئون ڪوٽ ۾ جسڪاڻي برادري جي ماڻهن شبير جسڪاڻي، سجاد ڪنڀر، نادر جسڪاڻي، سڪندر جسڪاڻي ۽ ٻين احتجاج ڪيو. باڊهھ ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن شھيد شان ڏھر چوڪ کان حيدر چوڪ تائين منور نوناري، ڪامريڊ قادر بروهي، اصغر نوناري، ڪوڙل ملاح ۽ منظور نوناري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي. ڪنڌ ڪوٽ ۾ اي ڪي اوڳاھي، قمر الدين سھرياڻي ۽ ٻين مظاھرو ڪيو. ٻئي پاسي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي زخمي اسد جسڪاڻي جي ڄامشورو لمس اسپتال پهچي عيادت ڪئي. جنهن بعد هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين شهيد الطاف جسڪاڻي جي ڀا اسد جسڪاڻي تي ٽنڊوالهيار ۾ حملو ڪيو ويو، جنهن جي عيادت لاءِ هتي پهتو آهيان. هن چيو ته شهيد الطاف جسڪاڻي جي شهادت تي قانوني رستو اختيار ڪيو هو، اسان ان وقت به پرامن هئاسين ۽ هن وقت به امن پسند آهيون، شهيد الطاف جسڪاڻي جي ڪيس ۾ اسلم رند ۽ ڀولو خانزادو جوابدار هئا، جيڪي ڪورٽ ۾ شنوائي تي ايندا هئا، ڪيس جي پيروي لاءِ شهيد الطاف جسڪاڻي جا ڀائر پڻ هر شنوائي تي ايندا هئا، جوابدار ڀولو خانزادو کين مختلف طريقن سان تنگ ڪندو رهندو هو، ٽنڊوالهيار ۾ ٿيل هن واقعي کان اڳ هڪ شنوائي تي جوابدار اسد جسڪاڻي سان ڪورٽ جي احاطي ۾ وڙهيو هو، ڀولو هڪ دهشتگرد هو، جنهن تي ڪيترائي ڪيس آهن، جن ۾ هو جيل ۾ پڻ رهي چڪو آهي، هن پيروي تي پڻ شهيد الطاف جسڪاڻي جا ڀائر ويل هئا ته اتي ڪنهن نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ اسد جسڪاڻي سخت زخمي ٿيو ۽ ڀولو خانزادو مارجي ويو، پر ٽنڊوالهيار پوليس اسد جسڪاڻي جي ڪابه مدد نه ڪئي، جيڪو 8 ڪلاڪ اسپتال ۾ يرغمال رهيو. هن وڌيڪ چيو ته ڀولو خانزادي جي قتل سان اسد جسڪاڻي جو ڪو واسطو ناهي، هن پنهنجي دفاع لاءِ هٿيار ڪڍيا، پر پوليس اسد ۽ ان جي ڀائرن تي ڪيس داخل ڪيو آهي، اسد تي حملو ڪندڙ کي پڻ سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهيد الطاف جسڪاڻي جي ڀائرن ۽ گهرڀاتين جي ايس ٽي پي مالڪي ڪندي، ڪجهه ماڻهو هن واقعي تي لسانيت جو راڳ ڳائي رهيا آهن، پر سنڌ ۾ هر روز ڪيترائي سنڌي ماريا ٿا وڃن، اتي ڪنهن کي به لسانيات ياد نٿي اچي. ان موقعي تي ايس ٽي پي جا اڳواڻ حيدر شاهاڻي، شوڪت ابڙو، نصرت چن، حيدر ملاح، محمد علي ابڙو، ڊاڪٽر سومار مڱريو، يونس اوٺو، مبين تيوڻو، امجد مستوئي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button