عالمي

نيوزيلينڊ ۾ ڪرونا جو ريڊ الرٽ،وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن پنهنجي شادي ملتوي ڪري ڇڏي

ولنگٽن:نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسنڊا آرڊرن ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ کي نظر ۾ رکندي ريڊ الرٽ جي اعلان کانپوءِ پنهنجي شادي جي تقريب ملتوي ڪري ڇڏي آهي. برطانوي خابرو اداري مطابق جيسنڊا آرڊرن ۽ سندس گهوٽ ڪلارڪ گيفورڊ ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ کي نظر ۾ رکندي ريڊ الرٽ جي اعلان کانپوءِ سامونڊي ڪناري واري علائقي گسبورن ۾ منعقد ٿيندڙ شادي جي تقريب کي ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته آڪلينڊ ۾ اومي ڪرونا وائرس جا 9 ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ نيوزيلينڊ ۾ ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button