لنڊن : برطانوي حڪمران جماعت ڪنزرويٽو پارٽي جي پارليامينٽ ميمبر نصرت غني دعويٰ ڪئي آهي ته مون کي مسلم عقيدي سبب وزارتي ذميوارين تان فارغ ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب نصرت غني جو چوڻ آهي ته ڊائوننگ اسٽريٽ ۾ مسلمانيت کي هڪ مسئلي طور اٿاريو ويو، چيف وهپ مون کي ٻڌايو هو ته مسلم عقيدو ٻين ساٿين کي بي چين ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته 49 ورهين جي نصرت غني کي فيبروري 2020 ۾ ڪابينا جي تبديلي دوران ٽرانسپورٽ منسٽر جي عهدي تان هٽايو ويو هو. ان حوالي سان ڳالهائيندي نصرت غني جو چوڻ هو ته ساک ۽ ڪيريئر تباهه ٿيڻ جي حوالي سان خبردار ڪرڻ تي مان چُپ رهيس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close