اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد جي پمز اسپتال جا 260 ڊاڪٽر ۽ نرسون ڪرونا ۾ مبتلا

اسلام آباد :اسلام آباد جي پمز اسپتال جا 260 ڊاڪٽر ۽ نرسون ڪرونا ۾ مبتلا ٿي ويون آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته وڏي انگ ۾ عملو ڪرونا جو شڪار ٿيڻ سبب پمز اسپتال ۾ او پي ڊيز جا وقت گهٽ ڪيا ويا آهن ۽ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو پيو وڃي. ان ڏس ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر(ڊي ايڇ او) زعيم ضياءَ جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ هڪ ڏينهن دوران 1550 مريضن ۾ ڪرونا جي سڃاڻپ ٿي ۽ مثبت ڪيسز جي شرح 17 ڏهائي 13 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. ٻئي طرف پولي ڪلينڪ اسپتال راولپنڊي ۾ او پي ڊي 31 جنوري تائين بند ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڪرونا ڪيسز ۾ واڌ سبب راولپنڊي جي مختلف علائقن ۾ لاڪ ڊائون لڳائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button