اسلام آبادپاڪستان

اولهه دنيا ايغور بابت چين تي تنقيد ڪئي پر ڪشمير تي خاموش:وزيراعظم

اسلام آباد :زير اعظم عمران خان چيو آهي ته اولهه دنيا ايغور جي معاملي تي چين تي تنقيد ڪئي، جيڪو زميني حقيقتن جي ابتڙ آهي پر والاريل ڪشمير بابت اولهه ۾ وڌيڪ نٿو ڳالهايو وڃي ۽ ان معاملي تي ڄاڻي واڻي خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي. ڪالهه چيني ميڊيا کي ڏنل خاص انٽرويو ۾ وزير اعظم عمران خان چيو ته وفد سان گڏ ايندڙ هفتي چين جي دوري جو منتظر آهيان. چين سان اسان جا 70 سال پراڻا دوستي وارا لاڳاپا آهن، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. چين ضرورت جي وقت سدائين پاڪستان سان گڏ بيٺو آهي. هن چيو ته سي پيڪ به پاڪستان ۽ چين کي وڌيڪ ويجهو ڪيو، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ زراعت ۽ صنعت تي ڌيان ڏنو ويندو. بدقسمتي سان ماضي ۾ ملڪ جي معيشت تي ڌيان نه ڏنو ويو پر اسان معيشت تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهيون. والاريل ڪشمير جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ انساني حقن جي شديد ڀڃڪڙي ڪئي، اتي 90 لک ماڻهو بدترين حالتن ۾ کليل جيل ۾ رهن ٿيا. اولهه ۾ ڪشمير جي حوالي سان هڪ خاص خاموشي آهي، هڪ طرح سان والاريل ڪشمير تي ڄاڻي واڻي خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته 40 سالن بعد افغانستان ۾ امن جو موقعو مليو، هاڻي عالمي برادري کي به افغانستان جي صورتحال کي سمجهڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button