اسلام آبادپاڪستانپنجابزراعت ۽ ڪاروبار

يوريا ڀاڻ جي کوٽ عمران مافيا جي ڪرپشن سبب ٿي آهي:نوازليگ

اسلام آباد:پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڳري رقم خرچ ڪرڻ باوجود هاري ڀاڻ لاءِ دربدر ٿي رهيا آهن. پنجاب ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ عمران مافيا جي ڪرپشن سبب پيدا ٿي آهي. ڪالهه مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ 2400 روپين ۾ ملندڙ يوريا جي ٻوري اڄ 10 هزار ۾ به نه پئي ملي. عمران صاحب! ڀاڻ جي کوٽ اصل ۾ اوهان جي ڪرپشن سبب ٿي آهي. يوريا ڀاڻ 1200 کان 28000 جو ٿي ويو. پر عمران صاحب جا ليڪچر جاري آهن. اٽو، کنڊ، ايل اين جي سان به ساڳيو ڪم ڪيو ويو آهي. پهريان ڪڻڪ ۽ کنڊ جو بحران پيدا ڪيو ويو. ذخيره اندوزي ٿي، پوءِ اسمگلنگ ٿي ۽ هاڻ مهانگي اگهن تي به قوم اٽي ۽ کنڊ کان محروم رهي. پنجاب ۾ ڀاڻ جي بحران جو ذميوار عمران خان آهي، ڀاڻ هارين کي وقت تي نه ملي سگهيو ته ڪڻڪ جي پيداوار ڪيئن پوري ٿيندي.؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button