نيوزيلينڊ جي حڪومت ڪرونا پابندين سبب پنهنجي شهري عورت صحافي شارلٽ بيلنس کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، جنهن بعد کيس افغانستان جي طالبان پناهه ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي. ميڊيا مطابق صحافڻ شارلٽ بيلنس دوحا قطر ۾ الجزيرا ٽي وي جي نمائندگي ڪندي آهي، کيس پارٽنر مان اميدواري ٿي وئي، جنهن کي هن ڳجهو رکيو، ڇوتھ اتي اهڙي اميدواري سان رهڻ جي اجازت ناهي ملندي. شالرٽ بيلنس ٻار ڄڻڻ خاطر نيوزيلينڊ اچڻ جي درخواست ڏني پر نئين قانون بعد سندس درخواست رد ٿي وئي آهي. شارلٽ بيلنس ٻڌايو تھ طالبان کيس شادي بنا اميد سان ٿيڻ باوجود پناهه جي آڇ ڪئي آهي. هن چيو تھ جڏهن اوهان کي ملڪ بدران طالبان افغانستان ۾ اچي ٻار ڄڻڻ جي آڇ ڏني ۽ چيو تھ اسين مدد ڪنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close