ڊگهڙي: ڊگهڙي ۾ چمبڙ جو رهواسي قتل ٿي ويو، پوليس مقتول جي دوست کي گرفتار ڪري رپيٽر هٿ ڪري ورتو. رپورٽ موجب ڊگهڙي ٿاڻي جي حد ديهه 142 ۾ ريحان جٽ جي اوطاق مان تعلقي چمبڙ جي تاج موري اسٽاپ ڀرسان ڳوٺ تاج محمد نونداڻي جو رهواسي ڳڀرو نوجوان منظور ولد ڄام نونداڻي جو گولي لڳل لاش مليو، اطلاع تي ڊگهڙي پوليس پهچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال آندو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا. مقتول جو والد ڄام نونداڻي ۽ ٻيا تعلقي اسپتال پهتا. مقتول جي والد چيو ته منهنجو پٽ تاج موري اسٽاپ تي ڪيبن هلائيندو آهي، جنهن کي اسان جي پاڙيسري ڳوٺ جي رهواسي طيب جٽ پاڻ سان گڏ ڪار ۾ کڻي ٻٽيهھ ميل موري ڀرسان ديهه 142 ۾ ملڪ الريحان جٽ جي اوطاق تي وٺي ويو، جتي هنن هم صلاح ٿي منهنجي پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي. هن وسوارن کي اپيل ڪئي ته مون سان ظلم ٿيو آهي، مون کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. پوليس مقتول جي والد ڄام نونداڻي جي فرياد تي جوابدار الريحان جٽ ۽ طيب جٽ خلاف ڪيس داخل ڪري جوابدار الريحان جٽ کي ڏوهھ ۾ استعمال ٿيل رپيٽر سميت گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار کي رمانڊ لا ڊگهڙي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو. قتل جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close