پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ سرڪاري بئنڪ انتظاميا خلاف ملازمن جو مظاهرو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ سرڪاري ملازمن نيشنل بئنڪ انتظاميا خلاف مگھن مھر، نظير احمد ڪنڀر، محمد ابراهيم، خير محمد مھر، محمد رحيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو. هنن صحافين آڏو دانھيندي چيو ته بئنڪ انتظاميا ڄاڻي واڻي سسٽم بند ڪري ملازمن کي تنگ پئي ڪري، اڃان تائين پگهار آن لائين ناهي ٿي. بئنڪ انتظاميا وياج خورن جي چوڻ تي سسٽم بند ڪيو آهي، وياج خورن جا چيڪ پاس ڪيا پيا وڃن، صبح کان شام تائين انتظار پيا ڪريون، هڪ به چيڪ پاس نه ٿيو آهي. هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف نيشنل بئنڪ انتظاميا موجب ٽيڪنيڪل فالٽ سبب سسٽم ۾ خرابي سبب پگھارون ناهن ٿيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button