اسلام آبادپاڪستانسنڌ

ملڪ ۾ گئس جو نه پر حڪومت جو بحران آهي:مراد علي شاهه

اسلام آباد: وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته گئس جو بحران نه پر ملڪ ۾ حڪومت جو بحران آهي. وفاقي حڪومت بروقت گئس امپورٽ ناهي ڪرائي، گئس جي ورڇ تي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. جنهن صوبي مان گئس نڪري ٿي اتي گئس نه آهي. اڱاري تي احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي مراد علي شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جا ماڻهو ملڻ آيا. ڪراچي جي صنعتڪارن احتجاج ڪيو ته کين گئس نه پئي ڏني وڃي. گئس جو بحران انهيءَ وقت ختم ٿيندو جڏهن هي حڪومت ويندي. مراد علي شاهه چيو ته ٿرپارڪر مان بجلي پيدا ڪري پوري پاڪستان کي ڏينداسين. ٿرپارڪر به ترقي ڪندو. نااهل حڪومت وقت تي ايل اين جي نه خريد ڪئي، گئس جي کوٽ سبب سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي. اهو وقت پري نه آهي جڏهن نااهل حڪومت کان نجات ملندي. هن چيو ته حڪومت بي ايماني سان سينيٽ مان اسٽيٽ بئنڪ بل پاس ڪرايو، حڪومت وٽ ته گهربل تعداد به موجود نه هو. هي بل ملڪ ۽ معيشت کي آئي ايم ايف جي حوالي ڪري ٿو. سينيٽ اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) اين اين پي، جي يو آئي ۽ مينگل صاحب جي پارٽي جا ماڻهو به نه هئا. هي ايڏو اهم بل هو، ڪميٽي ۾ ڇو نه اماڻيو ويو. وڏي وزير چيو ته رات 12 وڳي بل کي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو، اهڙو بل پوري قوم کي غلام بڻائي ڇڏي ٿو. اسٽيٽ بئنڪ ترميمي بل کي پاس ڪرائڻ لاءِ حڪومت سينيٽ چيئرمين جو سهارو ورتو. سينيٽ چيئرمين تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ووٽنگ جو حق استعمال ڪيو. سينيٽ چيئرمين پاران ڪاسٽنگ ووٽ استعمال ڪرڻ تي سخت ڳڻتي آهي. هن چيو ته حڪومت هر الزام گذريل حڪومت تي مڙهي ڇڏي ٿي، ماڻهو هي ڳالهيون ٻڌي ٻڌي پريشان ٿي ويا آهن. ٿر ۾ ڪوئلي جون وڏيون کاڻيون موجود آهن، بلاڪ ون ۾ 175 ميٽر جي اونهائي تي ڪوئلو مليو آهي. ڪوئلي مان جيڪي بجلي پيدا ٿيندي اها سڀ کان سستي هوندي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آخري ڏينهن بلدياتي اليڪشن جي حُوالي سان حڪم جاري ڪيو آهي. 140 اي جي حوالي سان حڪم دل سان تسليم ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ڪرونا وائرس جي موجوده صورتحال خطرناڪ آهي. سنڌ حڪومت ڪرونا جي حوالي سان اين سي او سي سان گڏجي قدم کڻي رهي آهي. ڪراچي ۾ ڪرونا جي شرح گهٽجي 20 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته وٺ پڪڙ کان اسان ڊڄڻ وارا نه آهيون. حڪومت پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ قوم کي ٽرڪ جي بتي جي پٺيان لڳائي ڇڏي ٿي. هاڻي صدارتي نطام ڏانهن منهن موڙيو پيو وڃي. حڪومت پيٽرول جي قيمت نه وڌائي بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪري رهي آهي ۽ عوام جي کيسي مان پسئو ڪڍي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button