اسلام آباد :ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 29 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ وڌي 29 هزار 330 ٿي ويو. ڪالهه نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 هزار 47 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 82 هزار 316، سنڌ ۾ 5 لک 44 هزار 722، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 96 هزار 328، بلوچستان ۾ 34 هزار 501، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 737، اسلام آباد ۾ هڪ لک 29 هزار 4 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 38 هزار 805 ڪيسز رپورٽ ٿيا. پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 14 لک 36 هزار 413 ٿي ويو. اهڙي ريت گذريل 24 ڪلاڪن دوران 61 هزار 190 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 13 لک 4 هزار 980 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 559 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڪرونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 29 مريض فوت ٿيڻ کان پوءِ فوت ٿي ويلن جو انگ 29 هزار 330 ٿي ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close