پاڪستانپنجاب

نوازشريف جي واپسي بابت اٽارني جنرل جو خط غيرقانوني آهي:شهباز شريف

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف نوازشريف جي واپسي بابت حڪومتي خط جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ شهباز شريف اٽارني جنرل کي جوابي خط لکندي چيو آهي ته حڪومتي خط جي متن سان اتفاق نٿو ڪريان. اٽارني جنرل جي لکيل خط مان اهو تاثر مليو آهي ته خط سياسي مقصد ۽ وفاقي ڪابينا جي هدايت تي لکيو ويو، خط شريف خاندان جي ميڊيا ٽرائل جي ڪوشش آهي. شهباز شريف خط ۾ لکيو آهي ته اٽارني جنرل جو خط عدالتن ۾ التوا هيٺ ڪيسن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش آهي. هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي هيٺ معاملي تي خط لکي توهين عدالت ڪئي وئي. خط لکڻ دوران عدالتي حڪم کي نظر انداز ڪيو ويو. نوازشريف جون ميڊيڪل رپورٽون باقاعدگي سان جمع ڪرايون وينديون آهن. ٻن صفحن تي ٻڌل جوابي خط ۾ چيو ويو آهي ته اٽارني جنرل جو خط قانون کان مٿانهون ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي هيٺ معاملي ۾ توهين عدالت جي برابر آهي. خط ۾ لکيل لفظ انتهائي اعتراض جوڳا ۽ نامناسب آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button