اسلام آبادپاڪستان

رائو انوار جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري درخواست رد

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ رائو انوار جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار خلاف عدالت کان مٿانهين قتل ڪيس ۾ نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ نظرثاني درخواست جي شنوائي جسٽس اعجازالاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪئي. ان دوران رائو انوار جي وڪيل عدالت ۾ موقف پيش ڪيو ته رائو انوار جو ڪيس ٽرائل ڪورٽ ۾ شنوائي هيٺ آهي ۽ ٽرائل ڪورٽ کيس ضمانت ڏئي ڇڏي آهي هو هر پيشي تي پيش ٿي رهيو آهي. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته عدالت جي چوڻ تي سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو. هي ضمانت جو ڪيس ناهي جو اسان درخواست منظور ڪري وٺون. عدالت حڪم ڏنو ته اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪيو وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت رائو انوار جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته جيڪڏهن اوهان کي رليف وٺڻو آهي ته نئين درخواست داخل ڪريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button