اسلام آبادپاڪستان

جسٽس عمر عطا بنديال پاڪستان جي 28 هين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جج جسٽس عمر عطا بنديال پاڪستان جي 28 هين چيف جسٽس طور حلف کڻي ورتو آهي. ڪالهه ايوان صدر اسلام آباد ۾ تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس عمر عطا بنديال کان چيف جسٽس جي عهدي جو حلف ورتو. وزيراعظم عمران خان به جسٽس عمر عطا بنديال جي حلف برادري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان کان علاوه هٿياربند فوج جي سربراهن، ججز، وڪيلن ۽ وفاقي وزيرن کان علاوه ٻين اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي رڪارڊ موجب جسٽس عمر عطا بنديال 17 سيپٽمبر 1958ع تي لاهور ۾ پيدا ٿيو. هن شروعاتي تعليم ڪوهاٽ، راولپنڊي، پشاور ۽ لاهور جي مختلف اسڪولن مان حاصل ڪئي ۽ لاهور مان ئي بي اي ڪيو. آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي مان معاشيات جي ڊگري ۽ ان کان پوءِ برطانيا جي ڪيمبرج يونيورسٽي مان لا ۽ لنڪنز ان لنڊن مان بيريسٽر ايٽ لا جون ڊگريون حاصل ڪيون. 1983ع ۾ هو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ طور تي داخل ٿيو هو ۽ ڪجهه سالن بعد سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ايڊووڪيٽ جي طور تي لاهور ۾ وڪالت شروع ڪئي. ان دوران جسٽس عمر عطا بنديال گهڻو ڪري ڪمرشل بينڪنگ، ٽيڪس ۽ پراپرٽي جا معاملا اڪلائيندو رهندو. جسٽس عمر عطا بنديال 4 ڊسمبر 2004 تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جي عهدي تي فائز ٿيو. هن نومبر 2007 ۾ پي سي او جي تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر ملڪ ۾ عدليا ۽ آئيني حڪمراني جي بحالي لاءِ وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي تحريڪ جي نتيجي ۾ کيس لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جي طور تي بحال ڪيو ويو. هن 2014 ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج جي طور تي پنهنجي ترقي تائين لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور 2 سال خدمتون انجام ڏنيون. جڏهن ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال ڳالهائيندي چيو آهي ته التوا وارن ڪيسن جو بار گهٽ ڪرڻو آهي، ان ڪري وڪيل تياري ڪري عدالت اچن ۽ التوا گهرڻ کان پاسو ڪن. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت سان عدالت جي ڪمري ۾ اچڻ تي وڪيلن طرفان جسٽس عمر عطا بنديال کي مبارڪباد ڏني وئي. وڪيلن چيو ته عدالت جي ڪمري ۾ اوهان کي بطور چيف جسٽس پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اوهان جو ٿورائتو آهيان، اوهان جهڙن وڪيلن جو ساٿ خوشي جو سبب آهي. ان موقعي تي سينيئر وڪيل نعيم بخاري چيو ته مان اوهان جي ريٽائرمينٽ جو انتظار ڪندس ته جيئن اوهان سان ٻيهر ملاقات ٿي سگهي. نعيم بخاري جي ڳالهه تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ٽهڪ به ڏنا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button