اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف ايم اين اي جويريا ظفر طرفان مڙس خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي ايم اين اي ۽ پارلياماني سيڪريٽري اوورسيز پاڪستانيز جويريا ظفر مٿان سندس مڙس فائرنگ ڪئي.ميڊيا رپورٽن موجب جويريا ظفر مڙس حيدر علي پاران مبينا طور تي فائرنگ ڪرڻ واري واقعي خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي. هن پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته منهنجو حيدر علي سان 6 مهينا اڳ نڪاح ٿيو هو. مڙس سان معمولي جهيڙو ٿيو جنهن تي خلع وٺڻ جو چيو ته مڙس مون کي ۽ منهنجي گهر وارن کي جان کان مارڻ جي ڌمڪي ڏني. جويريا ظفر موجب مڙس حيدر علي منهنجي مٿي تي پستول رکي فائرنگ ڪئي پر گولي ڀت ۾ وڃي لڳي جنهن کان پوءِ مون ڀڄي جان بچائي. پوليس جويريا ظفر جي درخواست تي ڪيس داخل ڪري ورتو ۽ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي پر اڃا تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button