اسلام آبادپاڪستان

لانگ مارچ جي ڊپ سبب پ پ خلاف مهم هلائي پئي وڃي:پلوشا خان

اسلام آباد : پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ سينيٽر پلوشا خان چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي لانگ مارچ جي ڊپ کان اسان جي خلاف مهم هلائي پئي وڃي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي يوسف رضا گيلاني ڪائونسلر چونڊرايو هو. پيپلزپارٽي ان کي سازشن سبب پارٽي مان ڪڍيو هو، ان جي هٿ ۾ وزيراعظم بڻجڻ جي ليڪ ئي نه آهي ته اسان ان ۾ ڇا ٿا ڪري سگهون. اوهان ڪلڀوشن لاءِ سفارتڪاري ۽ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو، اسان نه اوهان جا مريد ۽ نه ئي اوهان کي پير مڃون ٿا. هي آمريڪا جي پيرن ۾ ڪريا پر ان هڪ فون به نه ڪئي. ڊپلوميسي ۽ چاپلوسي ۾ وڏو فرق آهي. پيپلزپارٽي پنهنجي نيو ڪليئر اثاثن جي حفاظت ڪندي 27 فيبروري جو لانگ مارچ حڪومت جي خلاف آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. پيپلزپارٽي جو چيف ميڊيا ڪوآرڊينيٽر نذير ڌوڪي به ان سان گڏ هو. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي خلاف ناپاڪ ايجنڊي تحت لانگ مارچ جي خوف کان هڪ مهم هلائي پئي وڃي. تاثر ڏنو پيو وڃي ته پيپلزپارٽي ڊيل ڪري رهي آهي. شاهه محمود قريشي عمران خان جي ڪک ۾ به ڪاتي هڻندو، اسان ذاتيات تي نه ان جي سياست تي ڳالهائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button