پاڪستانپنجاب

پريانٿا ڪمارا قتل ڪيس ۾ 2 روپوش جوابدار گرفتار

سيالڪوٽ: سيالڪوٽ ۾ قتل ڪيل سري لنڪن شهري پريانٿا ڪمارا قتل ڪيس ۾ وڌيڪ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس موجب گرفتار ٻئي جوابدار واقعي وقت فيڪٽري جي ڇت تي موجود هئا ۽ روپوش هجڻ سبب جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن جو انگ 88 ٿي ويو آهي جڏهن ته گرفتار جوابدار حمزا ۽ لقمان کي اڄ دهشتگردي ٽوڙ عدالت گوجرانوالا ۾ پيش ڪيو ويندو جتي جوابدارن جي جسماني ريمانڊ لاءِ عدالت کان استدعا ڪئي ويندي. پوليس موجب پريانٿا ڪمارا قتل ڪيس جا 79 جوابدار اڳ ئي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي تحويل ۾ آهن ۽ 7 جوابدار جوڊيشل ريمانڊ تي گوجرانوالا جيل ۾ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button