پاڪستانسنڌ

حيسڪو جي امڪاني نجڪاري خلاف ملازمن جا مظاهرا

أحيدرآباد: بجلي ورهائيندڙ ادارن جي نجڪاري واري فيصلي خلاف ۽ مطالبن جي مڃتا لا آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين پاران هڙتال ڪري مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين سي بي اي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ليبر هال کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندٌڙ چيئرمين عبدالطيف نظاماڻي ۽ ٻين چيو ته بجلي ورهائيندڙ ادارن جي نجڪاري ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، حيسڪو سميت مختلف ڪمپنين ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ملازمن جون جايون خالي پيل آهن، فوري طور نوان ملازم ڀرتي ڪيا وڃن. ملازمن کي سيفٽي جو سامان فراهم نٿو ڪيو وڃي، جنهن ڪري ڪيترائي ملازم حادثن سبب اجل جو شڪار ٿي رهيا آهن، رٽائرڊ توڙي فوتي ملازمن جي ڪوٽا تي به عمل نه ٿي رهيو آهي. مٺي ۾ ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج دوران يونين جي ضلعي اڳواڻن غلام رسول راهمون، نرمل ميگهواڙ، ڪانتيش ڪمار سوائي درزي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ڪوٽ غلام محمد ۾ ملازمن نويد رضا قائمخاني ۽ انوار قائمخاني جي اڳواڻي ۾ مظاھرو آفيسن جي تالابندي ڪري نعريبازي ڪئي. ميرپورخاص ۾ ملازمن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي حيسڪو آفيس کان ريلي ڪڍي محمد يوسف سومرو، شاھد ڪاظمي، سڪندر مھر، تاج وساڻ، عبدالرحمان لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٽنڊوآدم ۾ آفيسن جي تالابندي ڪري آر او آفيس کان پريس ڪلب تائين نور حسن ٻگهيو، اختر ڪلوئي، گل محمد خاصخيلي، عبدالحق ساند، منظور خاصخيلي، محرم خاصخيلي، برڪت ڳاهوٽي ۽ فياض ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي. خيرپورناٿن شاهه ۾ ملازمن الاهي بخش چانڊيو، ظھير احمد گاڏھي ۽ ظفر علي ساريو جي اڳواڻي ۾ واپڊا آفيس آڏو مظاهرو ڪيو. سيتاروڊ ۾ يونين جي چيئرمين دلشاد سولنگي، اظھار علي چانڊيو، مولابخش ٻگھيو، اصغر ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪنڊيارو جي ملازمن آفيس جي تالابندي ڪري مين گيٽ اڳيان محمد اسحاق مڱريو، زاهد مهيسر، ولي محمد ڀاڳت، رياض هيسباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. ميھڙ ۾ ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري حاجي حسين جتوئي، سعيد ڪلهوڙو، فهيم شيخ، ممتاز ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ يونين جي ريجنل چيئرمين نثار احمد شيخ، عبدالله سومور، علي محمد جتوئي، محمود پٺاڻ، محمد امين ڪلھوڙو، وسيم جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن پاور هائوس کان ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو. دادو ۾ يونين جي سڏ تي آفيس کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪري مظاهرو ڪيو ويو. راڌڻ ۾ عيسيٰ سومرو، فداحسين سولنگي ۽ نظام الدين ناريجو جي اڳواڻي ۾ ملازمن احتجاج ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button