اسلام آبادپاڪستان

مهانگائي جي اثرن کان بچڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن،صنعتڪار حڪومت سان گڏجي هلن:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت صنعتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ ڊگهي مدي واري پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. ڪاروبار دوست پاليسي جي ڪري انڊسٽري رڪارڊ نفعو ڪمايو، جنهن جا ثمر مزدور طبقي کي ملڻ گهرجن. آئون انهن صنعتڪارن ۽ واپارين جو ٿورائتو آهيان جن منهنجي اپيل تي ملازمن جون پگهارون وڌايون. ڪالهه وزيراعظم عمران خان سان اربع تي ناليوارن صنعتڪارن ۽ واپارين جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ حڪومت ۽ صنعتڪارن جو گهٽ کان گهٽ مهينيوار اجرت وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. صنعتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڊگهي مدي پاليسين جي تسلسل تي زور ڏيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت عالمي منڊي ۾ مهانگائي ۽ ان جي ڪري عوام تي بار جو احساس رکي ٿي. هن چيو ته عام ماڻهو کي مهانگائي جي اثرن کان بچڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. صنعتڪار ۽ بزنس مين عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ لاءِ حڪومت سان گڏجي هلن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ ئي پارٽي منشور ۾ آئي ٽي ۽ ٽيڪسٽائيل جي ايڪسپورٽ جي پاليسي شامل ڪئي هئي. هن چيو ته ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪ جي 10 وڏين ڪمپنين گذريل سال 929 ارب رپيا منافعو ڪمايو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ٽيڪسٽائيل سيڪٽر جي ايڪسپورٽ 21 ارب ڊالر جي رڪارڊ سطح تي پهتي ۽ ايندڙ سال 26 ارب ڊالر جي ايڪسپورٽ جو امڪان آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا جو چوٿون سڀ کان وڏو موٽر سائيڪل ٺاهيندڙ ملڪ بڻجي چڪو آهي، ٽريڪٽرز جي ايڪسپورٽ ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جنهن ۾ 90 سيڪڙو پارٽس مقامي طور تي تيار ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته آئي ٽي ۽ ٽيڪسٽائيل سان گڏوگڏ دفاعي پيداوار ۽ انجنيئرنگ جي شعبن تي ڌيان ڏنو وڃي. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعطم عمران خان چيو ته چين دوري کان اڳ بزنس ڪميونٽي سان صلاح مشورا ضروري هئا. وزيراعظم چيو ته حڪومت پاڪستاني ۽ چيني صنعتڪارن وچ ۾ رابطا وڌائڻ ۽ گڏيل بزنس منصوبا قائم ڪرڻ تي ڳالهه ڪندي حڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ان موقعي تي موجود آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پڻ موجود هو. ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڪستان چين سان ڀائراڻن لاڳاپن کي نهايت قدر جي نظر سان ڏسي ٿو. چين جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن کي اڃا وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي دوري جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعطم کي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سي پيڪ، اسپيشل اڪنامڪ زونز، سيڙپڪاري، واپار، انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ جاري ٺوس منصوبن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزير شوڪت ترين، فواد چوڌري، اسد عمر، حماد اظهر، عبدالرزاق دائود، فرخ حبيب، ڊاڪتر معيد يوسف، شهباز گل ۽ خالد منصور شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button