پاڪستانسنڌ

مهانگائي سبب غريب طبقي جو جيئڻ ڏکيو ٿي پيو آهي:ثمر حيدر

ٽنڊو محمد خان: سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ احمد نواز انقلابي ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ اندر اقليت محفوظ نه آهن، تازو گهوٽڪي ۾ ٿيل ستن لعل وارو واقعو ان ڳالهه جو ثبوت آهي، ان کان وڌيڪ ڪهڙو ظلم هوندو جو پنهنجي زمين تي ڪاروبار ڪرڻ به ڏوهه بڻجي وڃي. ستن لعل جو قتل سنڌ جي رواداري تي داغ آهي، اهڙو عمل مذمت جوڳو آهي، سنڌ جي اقليتن سان گڏ آهي، اقليتن سان ڪو به ظلم برداشت نه ڪنداسين. اڳواڻن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان آهي، غريب طبقي جو جيئڻ مشڪل ٿي ويو آهي. هاري ۽ مزدور ڏکئي دور مان گذري رهيا آهن. هارين ۽ پورهيتن کي حق نٿا ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button