لنڊن :شيفيلڊ ڪرائون ڪورٽ ٻارن تي جنسي حملن جي ڏوهه ۾ لارڊ نذير احمد کي ساڍا پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. شيفيلڊ ڪرائون ڪورٽ ۾ لارڊ نذير احمد تي ٻارن تي جنسي حملن جو الزام ثابت ٿيو هو. لارڊ نذير تي 70 جي ڏهاڪي ۾ هڪ ڇوڪريَ تي جنسي حملي ۽ عورت جي ريپ جي ڪوشش جو الزام هو. لارڊ نذير الزامن جي ترديد ڪئي هئي ۽ فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. جڏهن ته سندس ٻن وڏن ڀائرن تي به الزام لاڳو ڪيا ويا هئا پر ٽرائل لاءِ ان فٽ قرار ڏنا ويا هئا. ميڊيا رپورٽ موجب متاثر مرد نذير احمد کان لارڊ جو خطاب واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو. رپورٽس موجب خطاب پارليامينٽ جي ايڪٽ سان واپس وٺڻ ممڪن آهي پر في الحال اهڙو ڪو ايڪٽ موجود ناهي. ان حوالي سان برطانوي حڪومت جو چوڻ آهي ته نذير احمد لارڊز تان مستعفيٰ ٿي چڪو آهي، هاڻي هو هائوس جو ميمبر ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close