اسلام آباد :سينيٽ ۾ اپوزيشن سخت احتجاج ۽ گوڙ ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. اڱاري تي ڊپٽي چيئرمين مرزا آفريدي جي صدارت هيٺ سينيٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جماعت اسلامي جي ميمبر سينيٽر مشتاق احمد سوالن جي وقفي دوران وزير جي غير موجودگي تي ڪاوڙ ڪندي چيو ته وزير موصوف هتي ڇو نه آهي، ڇا اسان فارغ آهيون؟ مسئلو اهو آهي ته منسٽر کي ڏسي سيڪريٽري به نٿا اچن. قائد ايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم جواب ڏنو ته هيلٿ جو وزير نه آهي پر خاص مددگار آهي. خاص مددگار ايوان ۾ نٿو اچي پر وزير ان جي سوالن جو جواب ڏين ٿا. اپوزيشن ايوان ۾ گوڙ ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪندي ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي. ڊپٽي چيئرمين اپوزيشن ميمبرن کي پرچائڻ لا سينيٽر اعجاز چوڌري ۽ انورالحق کي اماڻيو. جڏهن ته اپوزيشن ميمبر ايوان ۾ واپس نه وريا، جنهن تي ايوان ۾ ميمبرن جي ڳڻپ تي ڪورم اڻپورو نڪتو. جنهن تي ڊپٽي چيئرمين اجلاس ڪجهه گهڙي لاءِ ملتوي ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر شروع ڪيو، جنهن ۾ صرف حڪومتي سينٽر شريڪ ٿيا. واڪ آئوٽ کان پوءِ شيري رحمان صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سوالن جو وقفي وزيرن لاءِ جواب ڏيڻ جو سٺو موقعو هوندو آهي. ان دوران معزز ايوان جي هڪٻئي پٺيان تذليل ڪئي وئي. هن چيو ته ڪنهن حڪومت ۾ ناهي ٿيو ته منسٽر آف اسٽيٽ هر شئي جو جواب ڏيندو رهي. اپوزيشن فيصلو ڪيو ته ايوان ۾ صرف هڪ وزير پاران جواب ڏيڻ منظور نه آهي. هن چيو ته هاڻي حڪومت جيڪا اپوزيشن کان سواءِ اجلاس هلائي رهي آهي ان جي ڪائي حيثيت نه آهي. هن چيو ته هڪ وزير هر سوال جو جواب ڏي ٿو، حڪومت سوالن جي وقفي کي بي معنيٰ ڪري رهي آهي. شيري رحمان چيو ته هن پارليامينٽ کي مذاق سمجهيو آهي جيڪڏهن حڪومت کي ايئن ڪرڻو آهي ته اپوزيشن ڪڏهن به ان سان نه ويهندي. شيري رحمان چيو ته اسان ٻاهر اجلاس ڪنداسين، حقيقي اپوزيشن هاڻي متحد آهي. اپوزيشن حڪومت جي هن رويي کي برداشت نه ڪندي. اعظم نذير تارڙ چيو ته سينيٽ ۾ لاڳاپيل وزير سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ نٿا اچن، گذريل هڪ سال کان هي راند ايوان ۾ جاري آهي. صرف هڪ وزير کي ايوان هلائڻو آهي ته غير مناسب آهي. گهرو وزير جي ايوان ۾ اچڻ بابت ٺهراءُ به منظور ٿي چڪو آهي، هي اسان جي انا جو مسئلو نه آهي ايوان جي تقدس جي ڳالهه آهي. هن چيو ته حڪومت طرفان جيستائين هي سلسلو جاري رهندو، اسان جو احتجاج جاري رهندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close