اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پيٽرول تي وڌيڪ ٽيڪس گهٽائڻ جي گنجائش ناهي:شوڪت ترين

اسلام آباد : ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته حڪومت ٽيڪس نيٽ جو دائرو وڌائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي رهي آهي. اسان وٽ ڊيٽا اچي ويو آهي، آرٽيفشل انٽيليجنس ۽ ٽريڪ اينڊ ٽريس پاليسي جي مدد سان ٽيڪس پيئر جو انگ 8 کان 10 ملين تائين وڌائينداسين. حڪومت هن وقت پيٽرول ۽ ڊيزل تي 22 ارب رپين جي سبسڊي برداشت ڪري رهي آهي. پيٽروليم شين تي وڌيڪ ٽيڪس گهٽائڻ جي گنجائش نه آهي. بجلي جي قيمت پهريان ئي وڌائي چڪا آهيون، وڌيڪ وڌائي تڏهن به ٿوري وڌائي ويندي. سومر تي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته آئي ايم ايف پروگرام کان گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي، اسان آئي ايم ايف جا حدف پورا ڪيا آهن. هن وقت اسان سٺو روينيو گڏ ڪري رهيا آهيون، آئي ايم ايف زور ڀري رهيو آهي ته جيڪا پراويڊنٽ فنڊ تي ٽيڪس ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي ان کي ختم ڪري ڇڏيو. اسان پراويڊنٽ فنڊز تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪري پگهاردار طبقي جون ڏکيائيون نٿا وڌائي سگهون تنهنڪري پراونڊنٽ فنڊ تي ٽيڪس نه لڳائڻ جي حوالي سان ڳالهائينداسين. شوڪت ترين چيو ته سيلز ٽيڪس جو دائرو وڌائي رهيا آهيون ۽ ان لاءِ اسان ڊيٽا سان گڏ آرٽيفڪيشن انٽيليجنس جي مدد وٺي رهيا آهيون. هن چيو ته وڏن رٽيلرز وٽ وينداسين جيڪي ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن. ڊيلرز رٽيلرز سپلاءِ چين جو حجم ساليانو 16 هزار ارب رپيا آهن. ٽيڪس پيئر بڻجڻ کان پوءِ هي ماڻهو بئڪنگ سسٽم ۾ پاڻ ايندا. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته في يونٽ بجلي هڪ رپيو 65 پئسا مهانگي ڪري چڪا آهيون، پيٽرول جون قيمتون اسان جي وس ۾ نه آهن. حڪومت هن وقت پيٽرول ۽ ڊيزل تي 22 ارب رپين جي سبسڊي برداشت ڪري رهي آهي. چيني ڪمپنين پاڪستان ۾ سرمايو لڳائڻ جي خواهش ڏيکاري آهي ۽ اسان فيصلو ڪيو آهي ته پرڏيهي سيڙپڪارن کي هر قسم جي سهولت ڏينداسين. ٻئي طرف وفاقي ناڻي واري وزير شوڪت ترين عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن سان ملاقات ڪئي، اجلاس ۾ پاڪستان ۾ عالمي بئنڪ جي جاري منصوبن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ريزلينٽ انسٽيٽيوشنز اسٽيٿنگ پروگرام (رائز ٽو) جو به جائزو ورتو ويو ۽ هن پروگرام کي بروقت مڪمل ڪرڻ لاءِ اڳواٽ قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button