غير درجه بندي

انسانيت کي لڄائيندڙ نئون ڪوٽ انياءُ -I

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

نئون ڪوٽ ٿرپارڪر ضلعي سان لڳو لڳ غريب مسڪين ھارين ۽ پورھيتن جو ھڪ ننڍڙو شهر سدائين امن ۽ شانتيءَ جو محور ۽ مرڪز رهيو آهي. پر سنڌ جي بدبختي ڏسو ته ھاڻي نئون ڪوٽ کان ننگرپارڪر تائين ڏوھارين کي کليل ڇوٽ ملي ويئي آهي ته بيشڪ پيار، محبت ۽ امن جي ھن جنت کي به ڏوھن جي دوزخ ٺاهي، ھتان جو امن ۽ سک ڦٽائي ڇڏيو آهي. نئون ڪوٽ جنھن کي سومر ڏينهن معصوم ۽ مظلوم نياڻين سان ٿيل ڏاڍائيءَ جي وار ڪانڊاريندڙ وحشياڻي واردات رت ۾ ڳاڙهو ڪيو آهي، اڄ فريادي آهي اتان جي چونڊيل نمائندن، انتظامي ڪامورن، پوليس آفيسرن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، اين جي اوز جي چڱن مڙسن ۽ سڀ کان وڌيڪ انھن وزيرن، صلاحڪارن ۽ ٻين سمورن حڪمران ڌر سان واسطو رکندڙ بي پرواهه بادشاهن سان جن جي نا اهلي، لاپرواهي ۽ غفلت ھيءَ قيامت برپا ڪري انسانيت کي شرمندو ڪيو آهي.
گينگ ريپ جھڙيون ظالماڻيون وارداتون اسان پنجاب جي چوڌرين ھٿان ٿيندي سالن کان ٻڌون پيا پر سنڌ ۾ اھڙا شرمناڪ واقعا ھاڻي ڪجھه مھينن کان ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. سنڌ جي ٻين شهرن ۾ گينگ ريپ ڪيس ٿيو به آهي ته اھو ڪنھن ھڪڙي نياڻيءَ سان ٿيو ھوندو. وچ شهر مان عورتن کي اغوا ٿيندي سندن دانھون ۽ آهون اوڙي پاڙي وارن ٻڌيون، واٽ ويندڙ ماڻهن به ٻڌيون ھونديون، ڪو پوليس جو سپاهي يا واٽھڙو به ٿاڻي تي پهچي حقيقت بيان ڪري سگهي پيو پر ڪنهن ھڪ به شخص کي ھنن اغوا ٿيندڙ نياڻين تي ڪھل نه آئي.
سوچيو ته جن پاڙيسرين پنهنجي اکين سان اغوا جو ھيءَ بدترين واقعو ڏٺو، تن ھنن مائين کي بچائڻ خاطر ڪنھن ويجهي ٿاڻي يا پوليس چوڪيءَ تي اطلاع ڇو ڪونه ڏنو؟ سادو جواب آهي ته پوليس جا ٿاڻيدار سڀ کان بڇڙو ڪندا ئي انھيءَ شخص کي آهن جيڪو کين ڪنھن به حادثي يا واردات جي حقيقت ٻڌائڻ ڪاڻ ٿائي تي ايندو آهي. سندس نيڪي برباد، گناهه لازم ٿيو وڃي. اوھان رستن تي اڪثر گاڏين جو ٽڪر ٿيندي ڏسندا آهيو. ٻنھي متاثر ٿيل گاڏين وارا پنهنجي پنهنجي گاڏيءَ کي روڊ کان پاسيرو ڪري، ھڪ ٻئي کي نقصان ڀري ڏيڻ لاءِ راضي نامو ڪري ڇڏيندا آهن ۽ گاڏيون مستري ڏانهن ڪاھي ويندا آهن. ڇو؟ رڳو پوليس کان بچڻ خاطر جنھن جو ٻنهي ڌرين کي حڪم ھوندو آھي ته ٿاڻي تي ھلو. جيڪي نوان سيکڙاٽ غلطيءَ وچان ٿاڻي جو رخ ڪندا آهن سي اھڙا ته سوگھا ٿيندا آهن جو موبائيل فون ذريعي پنهنجن وڏڙن کي ٿاڻي تي گھرائي، پوليس وارن کي جو کيسو گرم ڪري، کين پيسا ڏيئي جند ڇڏائي گھر ڀيڙا ٿيندا آهن. گاڏين کي به ڌڪ لڳا ۽ مٿان وري پوليس جي چٽي!
انھيءَ ھڪڙي مثال مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عام ماڻهو نه رڳو ورديءَ وارن جي بيواجبين کان ڊڄن ٿا پر پوليس وارا خدا جي خلق جو اعتماد ۽ اعتبار وڃائي ويٺا آهن. مون ڏهه سال اڳ پنهنجي ھڪ ڪالم ۾ لکيو هو ته رڳو پوليس ڊپارٽمينٽ کي آزمودي لاءِ ڇھن مھينن واسطي بند ڪري ڏسو ته نوي سيڪڙو ڏوهه ڪيئن نه پاڻمرادو ختم ٿئي ٿو. ظاهر آهي ته وقت جو ڪوبه حاڪم منهنجي اھا صلاح ڪونه مڃيندو ڇاڪاڻ ته ھنن کي پنهنجي ذاتي بچاءُ يعني سيڪيورٽيءَ لاءِ گھرن، بنگلن ۽ رستن تي سفر ڪرڻ مھل ھر وقت سوين سپاهي کپندا آهن. ھڪ رپورٽ مطابق سنڌ پوليس جا پنجاهه ھزار سپاهي ۽ آفيسر غريب مسڪين قوم جي خرچ تي حڪمرانن جي پروٽوڪول ڊيوٽي ۾ مصروف آهن.
هاڻ نئون ڪوٽ ۾ ٿيل ڪاري قيام تي اچون ٿا ته ڇا بيگناهه ماءُ ڌيءَ سان ھيڏو وڏو ظلم ۽ بغداد ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن به ھڪڙي پوليس آفيسر، اسسٽنٽ ڪمشنر يا مختيارڪار کان پڇاڻو ڪري، کين نوڪرين تان ھٽائڻ جو سرڪار حڪم ڏنو؟ ڇا ڪنھن اصل ڏوھاريءَ کي پوليس وارن جھليو؟ ھنن ڏوھارين ته ھڪڙو پوليس ڪانسٽيبل پڻ شامل ھو جنھن کي بچائڻ جي ناپاڪ ڪوشش ڪئي پيئي وڃي.
انھيءَ پوليس واري جو نالو گلزار ٽنگڙي ٻڌايو ويو آهي. ڏاڍائيءَ جو شڪار ٿيل ڳوٺ حنيف راجپوت جي نياڻين ڪنول ۽ فضا راجپوت ايس ايس ايس ميرپورخاص کي روئيندي ٻڌايو ته ھي سمورا ظالم نه رڳو سندن ڳوٺ جي گھرن ۾ پر ڪمند جي فصلن ۾ پڻ مٿن جنسي حملا ڪندا رھيا. ايس ايس پي ميرپورخاص جو چوڻ آهي ته اھو سپاهي ڀڄي ويو آهي، باقي ھيستائين ڪل 12 جوابدارن کي جھلي لاڪپ ۾ بند ڪيو ويو آهي. انھن مان ٻه ڏينهن اڳ جھليل ٽن جوابدارن کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪري سندن رمانڊ ورتو اٿن.
مظلوم نياڻين مختلف ٽي وي چئنلز جي نمائندن کي ساڻن ٿيل زيادتين جو احوال سڏڪا ڀريندي رڪارڊ ڪرايو. ساڻن ٿيل جسماني ۽ روحاني رھڙن ۽ اذيتن جو ذڪر ھي معصوم ڇوڪريون پنھنجي زبان تي آڻڻ جي سگھه به نه پيون ساري سگهن. کين گذريل ٻن ڏينهن ۽ راتين ۾ ٽنگڙي ذات وارا ظالم بدمعاش چئن مختلف جڳهين تي زوري زنا ڪرڻ لاءِ منتقل ڪندا رهيا. ساڻن ٻن ڏينهن تائين وحشياڻو سلوڪ ڪندڙ ھنن ڏوھارين جو چڱو مڙس سپاهي گلزار ٽنگڙي ھو جنھن کين وڏين منٿن ۽ ايلازن کان پوءِ جڏهن ٻن ڏينهن کان پوءِ واپس سندن گھر پھچايو ته ويندي ويندي اھو چتاءُ به ڏيئي ويو ته، “خبردار جو ڪنھن سان به ھن واردات جو ذڪر ڪيو اٿئو! جيڪڏهن اوهان ڪنهن کي ٻڌايو ته گوليون هڻي ماري ڇڏيندو سانو.”
ڪيئن ٿا ڀانيو سنڌ پوليس جا پرڪار؟ آئون اھو سوچي تپرس ۾ پئجي ويندو آهيان ته پوليس ۾ ڀرتي ڪرڻ مھل ھمراھن جي نفسيات ۽ ذھني مريضن جو ڪو ٽيسٽ وٺندا آهن يا ڏوڪڙ ۽ سفارش عيوض جيڪو آيو سو اگھيو! واري پراڻي روايت اڃا به ھلندي اچي؟
غريب مسڪين راجپوت ڪٽنب جي ڌيئرن سان ٿيل ھن ھانءُ ڏاريندڙ واردات جو ڪارڻ اھو آھي ته ٽنگڙي ذات جي ھڪ سامايل ڇوڪريءَ جو ھنن راجپوتن جي پٽ سان عشق ٿي پيو. عشق ته ذات پات ڄاڻي ئي ڪونه! ھنن ٻنهي پريمين مائٽن کي ٻڌائڻ بنا گھران کسڪي وڃي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو. ٽنگڙي برادريءَ جي نياڻي پنهنجي رضا خوشيءَ سان راجپوت جوان کي پنھنجو ور قبوليو. عشق محبت جي ھن سڄي داستان ۾ پرڻو ڪندڙ جوان جي ماءُ يا ڀينرن جو ڪوبه ڏوهه نه هو. اڄڪلهه ته پيار جي پرڻن جا واقعا ايترا وڌي ويا آهن جو اخبارن جو رڳو عام اطلاع وارو صفحو پڙھي ڏسو ته موبائيل فون گھڻن ئي خاندانن جا ڪم لاھي ڇڏيا آهن.
جڏهن ھنن عورتن جو ڪوبه ڏوهه ناهي ته پوءِ کين گن پوائنٽ تي سندن گھر منجهان اغوا ڪري ساڻن بالادڪار ڪرڻ جي ڪھڙو قانون يا ڪھڙو دين ڌرم اجازت ٿو ڏئي؟ امن پسند ماڻهن جي صديون پراڻي شهر نئون ڪوٽ ۾ انسانن جي روپ ۾ ھھڙا وحشي به رهن ٿا جن کي نه نياڻين جو احترام، نه قاعدن قانونن جي پرواهه، نه عدالتن جو ڊپ ۽ نه سندن دلين ۾ ڪو رحم ڪرم ھوندو، اھو سوچي منھنجي دماغ جا تاڪ ئي کُلي ويا آهن.
اسان جي مانائتي شانائتي سنڌ ڌرتي ماءُ تي تاريخ جي صديون پراڻن حجاجن، تاتارين، ترخانن ۽ ارغونن وغيره جي دؤر ۾ ٿيل قتلام، عورتن جي اغوا، مصر جي بازار جيان سندن نيلامي ۽ عورتن کي ٻانھيون ڪري ساڻن جبري ورتاءُ ڪرڻ ۽ سوين سامايل نينگرين کي زوريءَ اغوا ڪري پنهنجي ملڪ پھچائڻ ھڪ عام رواجي روايت ھئي پر اڄوڪي نام نهاد جمھوري زماني ۾ اھڙن ظالماڻن واقعن سنڌ جي محافظن يعني پوليس، رينجرس ۽ سندن اختيار ڌڻين کي به لڄائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن آئون سنڌ جو حاڪم ھجان ھا (الله نه ڪري) ته سڀ کان پهرين ضلعي پوليس جي ڪمانڊر ۽ ڊي آءِ جي پوليس کي برطرف ڪري سندن سروس رڪارڊ تي لکي ڇڏيان ھا ته ھي اھڙن اھم عوامي حفاظت وارن عھدن جي لائق ھرگز نه آهن. حد جي ٿاڻيدار يعني اصل مالڪ ۽ وڏي مجرم ايس ايڇ او کي سموري اسٽاف سميت ساڳئي لاڪپ ۾ بند ڪري ڇڏيان ھا جيئن ڊي آءِ جي بشير احمد ميمڻ ڪندو هو.
نڀاڳپائيءَ جي حد ڏسو ته جنهن ڪانسٽيبل گلزار ٽنگڙي ھيءَ ظلم ۽ بغداد ڪرايو، ميرپورخاص جو ايس ايس پي ان کي 72 ڪلاڪن يعني ٽن ڏينهن اندر جھلي نه سگهيو آهي! ظاهر آهي ته ھو ڪنھن نه ڪنھن ايم پي اي، ايم اين اي يا وزير مشير جي پناهه ۾ لڪل ھوندو جيئن بيگناهه مائي فھميدہ سيال جو قاتل گھنور اسراڻ، ناظم جوکيو شھيد جي ڪيس ۾ گھربل ڄام عبدالڪريم ۽ ام ربابُ جھڙي اورچ، دلير ۽ بيباڪ نياڻيءَ جي وڏڙن جا قاتل گرفتاريءَ جي ڊپ وچان مھينن ۽ سالن کان لڪل آهن. هي سٽون لکڻ تائين نئون ڪوٽ واقعي جو چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کي 15 فيبروريءَ تي پيش ٿيڻ ۽ ڊسٽرڪٽ ايڊيشنل جج ميرپورخاص صورتحال بابت رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي.
)هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button