پاڪستانپنجاب

شهباز شريف ۽ حمزا مٿان 18 فيبروري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

لاهور: مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عدالت شهباز شريف ۽ حمزا مٿان 18 فيبروي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. سينٽرل لاهور جي اسپيشل جج شوگرملز ذريعي ڪيل مني لانڊرنگ ڪيس جي شنوائي ڪئي. شهباز شريف ۽ حمزا شهباز سميت ٻيا جوابدار عدالت آڏو پيش ٿيا. ان دوران عدالت چالان جون ڪاپيون جوابدارن کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ڪيس جو مختصر لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي شهباز شريف سميت ٻين جوابدارن کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 18 فيبروري تي طلب ڪري ورتو. شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي پيشي جي موقعي تي پوليس صحافين کي عدالت جي ڪمري ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. پيشي کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي حمزا شهباز چيو ته 74 سالن ۾ اهڙيون سنگين حالتون ڪڏهن ناهن ڏٺيون جيڪي هن وقت آهن. احتساب جو نعرو لڳائيندڙن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. ڪوڙ ڳالهائڻ سان عوام جو پيٽ نٿو ڀرجي سگهي. هاڻ حڪمرانن خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻينداسين. پي ڊي ايم فيصلو ڪندي ته بي اعتمادي جي تحريڪ پهريان وفاق ۾ ايندي يا صوبي ۾، سياستدانن جا رابطا سمورن سياستدانن سان هجڻ گهرجن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button