اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف اڳواڻ عمر امين گنڊاپور ۽ شاهه محمد جي نااهلي ڪالعدم

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف اڳواڻ عمر امين گنڊاپور ۽ خيبرپختونخوا جي صوبائي وزير شاهه محمد جي نااهلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. ڪالهه چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ عمر امين گنڊاپور، شاهه محمد، علي امين گنڊاپور ۽ مامون الرشيد جي درخواستن تي شنوائي ٿي. عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو، جنهن کي جمعي جي نماز کان پوءِ ٻڌايو ويو. عدالت ڊيرا اسماعيل خان جي ميئرشپ جي اليڪشن لاءِ تحريڪ انصاف اڳواڻ کي چونڊون وڙهڻ جي لاءِ اهل قرار ڏنو ۽ سندس نااهلي جو اليڪشن ڪميشن وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخوا جي صوبائي وزير شاهه محمد جي به نااهلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت بخاڪيل مان تحريڪ انصاف جي اميدوار مامون الرشيد جي نااهلي کي برقرار رکيو، جنهن کان پوءِ هو تعلقي چيئرمين جون چونڊون نٿو وڙهي سگهي. عدالت وفاقي وزير علي امين گنڊاپور خلاف اليڪشن ڪميشن جو فيصلو به برقرار رکيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن چونڊ مهم ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لڳائي هئي. جڏهن ته مٿس ڏنڊ جو فيصلو برقرار رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button