اسلام آبادپاڪستان

تعليم واري وزارت جي صلاحڪار ڊاڪٽر عائشا استيعفا ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:تعليم واري وزارت ڊاڪٽر عائشا رزاق سان چيئرمين ايڇ اِي سي سان ملاقات جو سبب ۽ ان تي وضاحت گهري هئي. جڏهن ته ان پاران جواب ناهي مليو. ذريعن مطابق ڊاڪٽر عائشا رزاق ۽ وزارت جي اعليٰ عملدارن ۾ تڪرار هلي رهيو هو. ڊاڪٽر عائشا رزاق گذريل ڪيترن ئي اجلاسن ۾ به احتجاجن غير حاضر رهي. ڊاڪٽر عائشا رزاق عهدو ڇڏڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته وزارت پاران چيئرمين ايڇ اي سي سان ملاقات جي وضاحت تي استيعفا ڏني آهي. تعليم واري وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عائشا ايڇ اي سي جي معاملي تي وزارت جي پاليسي جي خلاف ڳالهائيندي رهي آهي. ڊاڪٽر عائشا رزاق جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ماتحت ادارن جي سربراهن سان ملڻ يا سندن تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ مدد ڪرڻ ڪوئي ڏوهه نه آهي. تعليم جي وزارت جي عملدارن مطابق ڊاڪٽر عائشا رزاق جي استيعفا قبول ناهي ڪئي وئي، ان جا خدشا ختم ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button