سنڌ

نئون ڪوٽ واقعو، پوليس جوابدارن جا 5 گهر ڊاهي ڇڏيا

نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ واقعي جي مک جوابدار علي نواز ٽنگڙي جي گرفتاري لا پوليس نفيس نگر ۽ فضل ڀنڀرو سميت مختلف ھنڌن تي ڇاپا هنيا پر ڪا بـه گرفتاري نـه ٿي، پوليس جوابدارن جو مال ڪاھڻ بعد ڳوٺ يعقوب ٽنگڙي تي ھيوي مشينري ذريعي رات دير سان جوابدارن جا 5 گھر مسمار ڪري ڇڏيا جڏهن تـ مک جوابدار بابت ڪجهھ بـه نٿو ٻڌايو وڃي، وڌيڪ ٻن ڏينهن جي رمانڊ بعد اڄ سومر تي جھليل 16 جوابدارن کي ٻيھر سول جج ٽو ڊگھڙي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو جڏهن تـه ڪيس دھشتگردي ٽوڙ عدالت ميرپورخاص موڪلڻ جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button