اسلام آبادپاڪستان

راڻا شميم کي توهين عدالت ڪيس ۾ حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس راڻا شميم خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت هدايت ڪئي ته ايندڙ شنوائي کان اڳ اٽارني جنرل کي حلفي بيان جي ڪاپي ڏني وڃي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا شميم خلاف توهين عدالت ڪيس جي شنوائي ٿي، راڻا شميم عدالت جي سامهون پيش ٿيو. جڏهن ته سندس وڪيل پيش نه ٿيو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ايڊووڪيٽ لطيف آفريدي بيماري تي التوا گهريو آهي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته اهو بيمار آهي سندس درخواست پيل آهي. رب پاڪ کيس صحت ڏئي. عدالت کي استدعا آهي ته راڻا شميم کي حلفي بيان جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وڃي. راڻا شميم کان پنهنجي دفاع ۾ گواهن جي لسٽ به ورتي وڃي. حلفي بيان ۽ گواهن جي لسٽ ملي وڃي ته ايندڙ شنوائي تي ڪارروائي اڳيان وڌندي. عدالت راڻا شميم جي وڪيل جي التوا جي درخواست منظور ڪندي ڪيس جي شنوائي 7 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button