سنڌ

سردار ۽ برهان تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ

لاڙڪاڻو سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهر ڀاتين واري قتل ڪيس ۾ برهان چانڊيو ۽ سردار چانڊيو کي قتل ڪيس ۾ نامزد ڪري فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري دادو جي عدالت واري فيصلي کي ايم پي اي سردار خان چانڊيو طرفان چئلينج ڪري پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنهن جي شنوائي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو جي جسٽس ارشاد علي شاهه جي عدالت ۾ ٿي، جتي ام رباب چانڊيو پنهنجي وڪيل صلاح الدين پنهور سان گڏجي عدالت ۾ پيش ٿي. عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو. شنوائي بعد ام رباب چيو ته جوابدارن دادو جي عدالت کي چئلينج ڪيو هو، ان جي شنوائي ٿي، جنهن ۾ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. هن چيو ته اسان عدالتن تي يقين رکون ٿا، انصاف لاءِ هاءِ ڪورٽ آيا آهيون، ظاهر آهي ته اسان کي انصاف ملندو. هن چيو ته بدقسمتي سان هتان جو جيڪو پراسيڪيوٽر آهي ان اسان جي مخالفت ڪئي، ان ڪري اسان هميشه چيو آهي ته جوابدارن کي سنڌ حڪومت جي حمايت حاصل آهي ۽ هي پاڻ توڙي سنڌ گورنمينٽ کي وائکو پيا ڪن ۽ سڀني کي ٻڌائن پيا ته اسان ملوث آهيون، ظاهر آهي ته اسان پهرين ڏينهن چيو هو ته جوابدار ايم پي اي برهان خان چانڊيو ۽ سردار خان چانڊيو هن حڪومت جا ايم پي اي آهن انهن کي پراسيڪيوٽر حمايت ۽ اسان جي مخالفت ڪئي جيڪا وڏي حيرت جي ڳالهه آهي. اسان پراسيڪيوٽر جنرل کي شڪايت ڪري ٻڌائينداسين ته ڏسو هتي وڏو ظلم آهي. اسين فريادي اچون ٿا انهن جي مخالفت ڪئي ٿي وڃي، پراسيڪيوٽر کي ته اسان کي حمايت ڪرڻ گهرجي پر هو ايم پي اي جي حمايت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ميڊيا ذريعي پراسيڪيوٽر جنرل کي اپيل ڪنديس ته هو فوري ڪارروائي ڪندي انصاف ڏيارڻ لا پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪري هنن دير وارو حربو استعمال ڪيو آهي ته جيئن ٽرائل نه هلي، اسان جي ڪيس کي 4 سال ٿي ويا پر ٽرائيل هلائڻ نٿو ڏنو وڃي. منهنجي سپريم ڪورٽ کي اپيل آهي ته نوٽيس وٺي ڪيس جو ٽرائل ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ 2 ڀيرا اسان جي ڪيس جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button