سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

نيوزيلينڊ ۾ گهري سمنڊ مان گهوسٽ شارڪ مڇي جو ٻچو هٿ

نيوزيلينڊ جي سائنسدانن سمنڊ جي انتهائي گهري پاڻي مان نايا گهوسٽ مڇي جو ٻچو دريافت ڪري ورتو آهي. برطانوي ميڊيا موجب گهوسٽ شارڪ مڇي جنهن کي چيميرا جي نالي سان پڻ سڃاتو ويندو آهي، اها تمام گهٽ ۽ غيرمعمولي حالتن ۾ نظر ايندي آهي، جنهن جي انڊي مان ڦٽي نڪتل بچي کي ڏاکڻي سامونڊي علائقي جي ڏيڍ ڪلوميٽر گهري سمنڊ مان دريافت ڪيو ويو آهي، جنهن کي سائنسدانن تمام وڏي ڪاميابي قرار ڏنو آهي.

ناياب گهوسٽ مڇي جا بيضا جن مان گهوسٽ شارڪ مڇي جا ٻچا ڦٽي نڪرن ٿا

سائنسدانن جو چوڻ آهي تھ گهوسٽ شارڪ مڇي جي نوجواني وارن مرحلن ۽ ان جي واڌ ويجهه بابت اهم معلومات ملي سگهندي. مڇي جي ڳولا کي سائنسدانن جي ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر برٽ فنوچي جو چوڻ آهي تھ ناياب قسمن جي حيات جي ڳولا واري مهم دوران مليل هي ٻچو ناياب آهي، جنهن جي دريافت اتفاق آهي، ڇاڪاڻ تھ اسين ڪنهن ٻئي مشن تي هئاسين تھ هن گهوسٽ شارڪ مڇي جو ٻچو مليو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button