پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ عورت گهرو اڻبڻت تان خودڪشي ڪري ڇڏي

مسڻ وڏي: مسڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد عثمان کٽياڻ ۾ 25 ورهين جي هڪ ٻار جي ما لڇمي زال پھلاج ڪولهي غربت سبب گهر ۾ ٿيندڙ گهرو اڻبڻت تان ڪاوڙ ۾ اچي گهر اندر ڇت ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ٽنڊوالهيار سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف خودڪشي ڪندڙ عورت جي مڙس پھلاج ڪولهي جو چوڻ آهي ته زال غربت سبب گهر ۾ ٿيندڙ گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي. مسڻ ٿاڻي جي ايس ايڇ او نورالدين ملاح ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪريون پيا، واقعو ڪئين پيش آيو، گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته عورت غربت سبب گهر ۾ ٿيندڙ اڻبڻت کان تنگ اچي ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button