
ننگرپارڪر: ننگرپارڪر ۾ نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب ننگرپارڪر جي ڳوٺ گڊڙو لڳ گانگي جو ڍاڻي ۾ 45 سالن جي نوجوان مصري ولد ڪلو ڪولهي ڪنڊي جي وڻ ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. ٻڌايو وڃي ٿو ته نوجوان گھرو اڻبڻت تان ڪاوڙجي خودڪشي ڪئي آهي. ننگرپارڪر پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آھي.