سنڌ

ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سينيئر صحافي اطهر متين قتل

ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد فائيو اسٽار چورنگي ويجهو ڪار تي فائرنگ ۾ خانگي ٽي وي جو سينيئر پروڊيوسر اطهر متين مارجي ويو، اطهر متين جو مڙهه سهراب ڳوٺ سرد خاني پهچايو ويو، جنازي جي نماز اڄ ڇنڇر ظهر نماز کان پوءِ ڪلفٽن ۾ پڙهي ويندي. پوليس موجب شروعاتي ڄاڻ موجب واقعو ڦر دوران پيش آيو، واقعي جي حوالي سان جاچ جاري آهي، پوليس ٻڌايو ته ڦر مزاحمت بابت في الحال ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ آهي، صحافي اطهر متين کان ڪا قيمتي شئي نه کسي وئي آهي. ان ڏس ۾ ايس ايس پي سينٽرل رانا معروف ٻڌايو ته ڏوهاري شهري کي لٽي رهيا هئا، جتي اطهر متين واردات ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪندي گاڏي سان جوابدارن جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، گاڏي جي ٽڪر ۾ جوابدار موٽر سائيڪل تان هيٺ ڪري پيا ۽ موٽر سائيڪل خراب ٿي پئي، جوابدارن اٿي گاڏي تي فائرنگ ڪيو ۽ گولي اطهر متين کي لڳي ۽ هو فوت ٿي ويو، گاڏي جي ونڊ اسڪرين تي گولي جو هڪ نشان آهي، واردات کان پوءِ جوابدار پنهنجي موٽر سائيڪل ڇڏي ٻئي شهري جي بائيڪ کسي فرار ٿي ويا. ايس بي گلبرگ طاهر نواز ٻڌايو ته اطهر متين صبح ساڍي 8 وڳي کان 9 وڳي وچ ۾ ٻارن کي اسڪول ڇڏي واپس گهر وڃي رهيو هو ته موٽر سائيڪل تي سوار ڏوهارين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، اطهر متين جي گاڏي جي ٽڪر ۾ جوابدار هيٺ ڪريا ۽ اٿندي ئي فائرنگ ڪري ڏني، جڏهن ته موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا، پوليس کي 30 بور پسٽل جي گولي جو هڪ کول مليو آهي، جڏهن ته واقعي جي جاچ لاءِ فوٽيجز ورتا پيا وڃن. پوليس موجب جوابدارن پاران ڇڏيل موٽر سائيڪل جو تفصيل ورتو پيو وڃي. صحافين سان ڳالهائيندي ايڊيشنل آئي جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ چيو ته صحافي اطهر متين جي قتل تي ڏک ٿيو آهي، اطهر متين جي قاتلن بابت اسان وٽ ڪجهه مواد آهي، جلد انهن تائين پهچي وينداسين. هن چيو ته اطهر متين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پوري ڪوشش ڪنداسين، ڇو ته اسٽريٽ ڪرائيم جي حوالي سان اسان جي پاليسي واضح آهي، بيروزگاري وڌڻ به اسٽريٽ ڪرائيم جو وڏو سبب آهي. ايڊيشنل آئي جي ڪراچي چيو ته پوليس کي پنهنجي بهترين ڪوشش ڪرڻ گهرجي، سٺا ڪيس ٺاهڻ گهرجن. اسٽريٽ ڪرمنلز جو پراڻو رڪارڊ چيڪ ڪرڻ گهرجي ۽ سندس سڃاڻپ ڪرڻ گهرجي. غلام نبي ميمڻ چيو ته اهڙيون آباديون جتي هي اسٽريٽ ڪرمنزل رهن ٿا. اتي انٽيجلس بنيادن تي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن واقعي جي اکين ڏٺي شاهد ٻڌايو ته اطهر متين جي گاڏي جي ٽڪر لڳڻ کان پوءِ ڦورو ڪري پيا ۽ سندن موٽر سائيڪل خراب ٿي پئي، ان دوران اهي پنڌ ڀڄڻ لڳا، اتي موجود ماڻهن فائرنگ جو آواز ٻڌي ڦورن تي پٿر به وسايا پر اهي کين نه لڳا ۽ اهي هڪ ٻئي شهري کان موٽر سائيڪل کسي پهاڙ گنج طرف فرار ٿي ويا. مقتول اطهر متين ناليواري اينڪر ۽ نيوز ڪاسٽر طارق متين جو ڀاءُ هو. اطهر متين جي سوڳوارن ۾ ٻه نياڻيون ۽ زال شامل آهي، واقعي کان پوءِ جي سي سي ٽي وي فوٽيج به اچي وئي آهي. هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير اطهر متين جي قتل تي صحافي برادري سان ڏک جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته قاتلن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي، اطهر متين جي قتل جي سخت مذمت ڪندي ايڊيشنل آئي جي ڪراچي کي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button