عالمي

ڀارتي پارليامينٽ ۾ اڌ کان وڌيڪ ميمبرن جو رڪارڊ مجرماڻو آهي:سنگاپور جي وزيراعظم جي دعويٰ

سنگاپور سٽي : سنگاپور جي وزيراعظم لي شين چيو آهي ته ڀارتي پارليامينٽ ۾ اڌ کان وڌيڪ ميمبرن جو رڪارڊ مجرماڻو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب سنگاپور جي وزيراعظم لي شين پارليامينٽ کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ نهرو جو ڀارو اهڙو ٿي چڪو آهي جتي اسيمبلي جا اڌ کان وڌيڪ ميمبرن جو رڪارڊ مجرماڻو آهي. هن چيو ته ڀارت جي مختلف اسيمبلي ميمبرن خلاف قتل ۽ زيادتي تائين جا ڪيس داخل آهن. جڏهن ته ڀارت ۾ رڳو شروع ۾ ئي جمهوريت هئي پر ان کان پوءِ حالتون تبديل ٿي ويون. لي شين چيو ته ڀارت ۾ ڏوهاري ۽ قانون جي خلاف سرگرمين طرف اکيون بند رکيو ويو، جنهن سبب اهي سمورا معاملا ٿيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button