اسلام آبادپاڪستان

جيڪو معاملو کڻون ٿا،هيٺان ڪرپشن جا جبل ظاهر ٿين ٿا:فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جنهن معاملي کي کڻندا آهيون، ان جي هيٺان ڪرپشن جا جبل بيٺا هوندا آهن. اسلام آباد ۾ مواصلات جي وفاقي وزير مراد سعيد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته ان کان انڪار ناهي ته موٽر ويز ۽ روڊن سان ئي ترقي ٿيندي آهي، عمران خان موٽر ويز جي نه پر انهن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جي خلاف هو، شريف خاندان روڊن کي وڏو ڪاروبار بڻائي ڇڏيو، لاهور اسلام آباد موٽر وي 60 ارب رپين جي لاڳت سان ٺاهيو ويو، اها رقم ٻاهران قرضن جي صورت ۾ اچي رهي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button