عالمي

ويڙهه نٿا چاهيون، نه ئي ان ۾ اڳرائي ڪنداسين: طالبان

ڪابل: افغانستان جي نائب پرڏيهي وزير امير خان متقي چيو آهي ته جيڪو اسان سان ڏڦيڙ جي سياست ڪندو اهو اڪيلو رهجي ويندو. ڪابل ۾ واپار واري وزارت جي تقريب سان خطاب ڪندي امير خان متقي چيو ته 50 ملڪن جو اتحاد اسان جي خلاف افغانستان ۾ داخل ٿيو هو، افغانستان ۾ ٻاهرين ملڪ مان وڙهڻ ڪو ويڙهاڪ نه آيو، امن جو ڪريڊٽ مقامي ماڻهن ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، ڇڪتاڻ نٿا چاهيون ۽ نه اڳرائي ڪنداسين، افغان عوام سان دوستي لاءِ ڪو هڪ قدم وڌندو ته طالبان حڪومت ٻه قدم وڌائيندي، نظام ۾ ڏکيائيون آهن پر اهو عوام جي ڀلائي لاءِ آهي، اهڙيون حالتون پيدا ڪنداسين ته ڪير ملڪ ڇڏي نه وڃي. سندس موجب اسان جي پاليسي ملڪ جي عوام کي متحد ڪرڻ آهي، ملڪ جي اقتصادي ترقي جي ذميواري واپارين تي آهي، ٻاهرين ملڪن سان لاڳاپا ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پکڙيل آهن، پنجشير جي آخري جهيڙي کانپوءِ ڪٿي فائرنگ جو آواز به نه ٻڌو ويو، مزار شريف ۾ هڪ ماڻهو اغوا ٿيو ته ٽن ڪلاڪن ۾ اسان جوابدارن کي پڪڙي ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button